راولپنڊي – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ج?? هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿ?? ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مع??ون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي، وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان ملاقات ڪندو ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر س??د ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ٻين جي 19 مئي تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ ش??ادت تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت ڪندو.