بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گيمبيا جي شهر بنجول ۾ منعقد ٿيندڙ اسل??مي سربراهي اجلاس جي لاءِ پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن سال جي سربراهي اجلاس جو موضوع ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ آهي. اجلاس دوران پاڪستان کي متفقه طور تي او آءِ سي جي 15 هين اسل??مي سربراهي اجلاس جي لاءِ بيورو آف پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس جو نائب صدر چونڊيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي گيمبيا جي پرڏيهي وزير ممدائو تنگارا کي سيشن ۽ 15 هين اسل??مي سربراهي اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سعودي عرب جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غزه ج?? عوام جي خلاف اسرائيلي جنگ سبب گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غزه ج?? عوام جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غذائي کوٽ تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. تياري جي اجلاس دوران او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن سينيئر آفيشلز ميٽنگ (ايس او ايم) جي رپ??رٽ جي منظوري ۽ مختلف دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس جو حتمي پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهي.