اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي ۽ والدي?? جي نعمت سان محروم ٻار ت??ام گهڻي صلاحيتن ج?? مالڪ آهن، سمورا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري ملڪ جي ڀرپور خدمت ڪندا، معياري تعليم جي فراهمي جي لاءِ ڏورانهن علائقن ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا، عوام کي علاج جي بهتر سهولت?? جي فراهمي جي لاءِ اسلام آباد، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بتلستان ۾ جديد اسپتالون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي صلاحيت?? جي مالڪ ۽ والدي?? جي نعمت کان محروم ٻار?? جي اعزاز ۾ افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته کيس خصوصي ٻارن سان ملاقات ڪري ت??ام گهڻي خوشي ٿي آهي، اڄ جي افطار ڊنر جا خاص مهمان هي ٻار ۽ ٻارڙيون آهن ۽ آئون توهان جو ميزبان آهيان. وزيراعطم چيو ته هي ٻار انتهائي ذهين ۽ قابليت وارا آه?? جيڪي ايس او ايس ۽ ٻين ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هتي خصوصي ٻار ۽ ٻارڙيون به موجود آه?? جيڪي ت??ام گهڻا قابل ۽ محنتي آهن، انهن ج?? ارادا بلند آهن، ماءُ پيءُ جي ڇانوَ هجڻ کان وڏي ڪا نعمت نه آهي، جن ٻارن تي انه?? جي والدي?? جي ڇانوَ نه آهي ايس او ايس انه?? جي والدين جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسا?? جي پياري نبي ﷺ جڏهن هن دنيا ۾ تشريف آندي ته انه?? جي والد جي ڇانوَ انهن تي نه هئي ۽ جڏهن انه?? جي عمر 6 سال هئي ته انه?? جي والده محترمه پڻ لاڏاڻو ڪري وئي پر اسان ج?? پيارا نبي ﷺ الله تعاليٰ جا سڀ کان محبوب نبي آهن جن تي وحي جي ذريعي قرآن ڪريم نازل ٿيو. هن چيو ته هي رمضان المبارڪ جو مهينو آهي ۽ ان جون برڪتون سڀني تي نازل ٿي رهيون آهن، توهان معصوم ٻا?? آهي??، تعليم حاصل ڪري رهيا آهي??، توهان پنهنجي قابليت سان ڊاڪٽرز، انجنيئرز، فوجي آفيسر بڻجندا ۽ پنهنجي ملڪ جي ڀرپور خدمت ڪندا. وزيراعظم چيو ته مون کي توها?? جي ميزباني ڪري ت??ام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن مهمان نوازي ۾ ڪا گهٽتائي رهجي وئي ته معافي جو درخواستگذا?? آهيان، هي وزيراعظم هائوس جو توهان هائوس آهي، توهان تعليم حاصل ڪري هڪ ڏينهن هتي اچي قوم جي خدمت ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ پڻ دانش اسڪول ٺاهيو ويندو، ان کانسواءِ بلوچستا?? جي ڏورانهن علائقن، ڪشمير ۽ گلگت ۾ پڻ دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا، جتي ٻارن کي تعليم جون سموريون سهولتون مفت حاصل هونديون، خوراڪ، رهائش، يونيفارم ۽ ڪتاب مفت ڏنا ويندا، خصوصي صلاحيتن ج?? مالڪ سمورا ٻار مختلف شعبن ۾ پاڪستا?? جي ڀرپور خدمت ڪندا، توهان ج?? استاد توهان کي اهڙي تعليم ڏيندا جنهن سان توهان عظيم پاڪستاني بڻجندا ۽ دنيا ۾ پنهنجي قابليت کي مڃرائيندا. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ مريض?? جي علاج جي جي بهتر سهولت?? جي فراهمي لاءِ جديد اسپتال ٺاهي ويندي، اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ جديد سهولتن واريون اسپتالون ٺاهيون وينديون، منهنجي دعا آهي ته الله توهان کي خوش رکي، اهڙي طرح جون ملاقاتون اڳتي به ٿينديون رهنديون. وزيراعظم شهباز شريف هڪ هڪ ٻار وٽ ويو ۽ انهن سان پيار ڀرئي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻارن کان انه?? جي تعليمي سرگرمين بابت معلوم ڪيو. خصوصي ٻارن وزيراعظم جي هٿ تي پاڪستان جو قومي جهنڊو پڻ پينٽ ڪيو. وزيراعظم ٻارن کي پاڻ کاڌو پيش ڪيو ۽ انهن کي تحفا پڻ ڏنا.