اسلام آباد– 09 – اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال خان ناصر کي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ا??هن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ??اهر ڪئي آهي ته هو عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ پنهنجي مبارڪباد وار?? پيغام ۾ چيو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جمهوري عمل تسلسل آهي، اميد ??هي ته توهان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم اميد ??اهر ڪئي ته توهان عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته وفاقي ڌرين جي مضبوطي ?? جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي.