ڊيو??س ?? 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ??اڪڙ ۽ سندس بيلجيئم جي هم منصب اليگزينڊرڊي ڪرووني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ??اڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورمس جي موقعي تي بيلجيئم جي وزي??اع??م اليگزينڊرڊي ڪرووني ملاقات ڪئ??. ٻنهي ??ڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ??ڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.