اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نئين عزم ۽ دفاعي صلاحيت سان گڏ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت اڳتي لوڪ سڀا چونڊن کان اڳ 2019ع جهڙي جارحيت جو سهارو ورتو ته پاڪستان ان جو ڀرپور جواب ڏيندو، عام چونڊن دوران اميدوارن ۽ سياسي پارٽين جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه جا لاڳاپال فورم موجود آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي دوست ملڪن سان غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ڊيجيٽل چي??ل سان پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن نئين عزم ۽ دفاعي صلاحيت سان گڏ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت اڳتي لوڪ سڀا چونڊن کان اڳ 2019ع جهڙي جارحيت جو سهارو ورتو ته پاڪستان ان جو ڀرپور جواب ڏيندو، پاڪستان بلڪل ائين ئي ڪندو جيئن هن 2019ع ۾ ڪيو هو، اسان انهن جي جهازن ڪيرائينداسين. هن چي?? ته پاڪستان جي ردعمل با??ت ڪنهن کي غلط فهمي نه هجڻ گهرجي ڇو ته اسان وٽ پنهنجي ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ هڪ مڪمل دفاعي نظام موجود آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير تڪرار جي حل تائين تڪرار جو امڪان موجود رهندو ۽ ڪا به شيءَ ڪنهن به قسم جي جواب کي متحرڪ ڪري سگهي ٿي. ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن بابت هن چي?? ته دهشتگردي جو خطرو خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ موجود آهي. هن ڪنهن به خطري جو جواب ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تازو ئي سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت قرارداد بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته مون کي ان جُون ڪي به قانوني رنڊڪُون نظر نه ٿيُون اچن ڇو ته سينيٽ جي قرارداد لازمي نه آهي، حڪومت ايوان ۾ قرارداد جي مخالفت ڪئي آهي جڏهن ته ضرورت موجب هو ان معاملي تي رپورٽ پيش ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن سيڪيورٽي صورتحال کي ڏسندي مخصوص ڌرين ۾ چونڊن بابت فيصلو ڪرڻ جو صحيح فورم آهي. ڪجهه اميدوارن ۽ سياسي پارٽين جي شڪايتن ۽ خدشن بابت نگران وزيراعظم چي?? ته اي سي پي ۽ عدليه جا لاڳاپيل فورم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موجود آهن. بلوچستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم مختلف ڪالعدم عسڪريت پسند گروپن جي ڪردار جو ذڪر ڪيو جن کي پاڪستان کان ٻاهر به دهشتگرد سمجهيو وڃي ٿو. هن چي?? ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، افغان طالبان سان رابطا جاري آهن ۽ ٻئي طرف ڪجهه روين ۾ تبديليون ڏٺيون ويون آهن. نگران وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اٽڪل 90000 جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جو دهشتگردي جي خلاف جنگ جو عزم غيرملڪي حمايت کانسواءِ اٽل آهي. غيرقانوني غيرملڪي شهرين جي وطن واپسي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ان فيصلي جي پاڪستانين جي اڪثريت وڏي پئماني تي حمايت ڪئي آهي ڇو ته غير??ست??ويزي غيرملڪين کي رهڻ جو ڪو حق نه آهي. اقتصادي محاذ تي حڪومت جي ڪاميابين تي روشني وجهندي هن ايف بي آر ۾ سڌارن، قابل ذڪر ٽيڪس قابل وصول هدف حاصل ڪرڻ ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جو ذڪر ڪيو. هن چي?? ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت گڏيل عرب امارات، ڪويت، قطر ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن سان غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. هن چي?? ته ايس آءِ ايف سي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي موقعن فائدو کڻڻ ۽ زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي، انساني وسيلن جي تربيت، توانائي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي.