اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس خميس ڏينهن شروع ٿي وئي. وفاقي ??ادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن ??ي ڪانفرنس ۾ علائقائي نمائندن سان گڏوگ?? اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي سفيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جي شروعات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ٿيندي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن ??ي ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳ??رائي تي باقاعده بحث جي اهميت تي زو?? ڏنو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن ??ي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳ??رائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.