اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??سڪ??ل کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، مسجدون ۽ مدرسا هيٺئين سطح تي اهم سماجي ۽ صحت جي مسئلن ب??بت بيداري پيدا ڪرڻ کانسواءِ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪ??دار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مسجدن ۽ مدرسن ب??بت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، اسلامي نظريايت ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبلا اياز، صوبائي وزيرن ۽ اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري اداري جي نمائندن سان گڏوگڏ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ ??سڪ??لن کان ٻاهر اٽڪل 28 ملين ٻارن کي تعليم فراهم ڪ??ڻ هڪ تمام وڏو چئلينج آهي جنهن جي لاءِ هزارين نئين ??سڪ??لن ۽ اضافي وسيلن جي ضرورت هوندي. هن ??سڪ??ل کان ٻاهر ٻارن کي تعليم فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ معاشري پاران غيرروايتي حل ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته ??سڪ??ل کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ جلد سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته مسجدون ۽ مدرسا جمعي جي خطبن جي ذريعي اخلاقي قدرن، ڀائيچاري، رواداري، امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام کي فروغ ڏئي معاشري جي اصطلاح ۽ معاشرتي براين تي ابطو آڻڻ ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مسجدن جي ذريعي ذهني ۽ عمومي صحت جي مسئلن، آبادي جي ڀلائي، بين المذاهب هم آهنگي، عورتن جي حقن ۽ ڪميونٽي جي سطح تي غذائي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم ۽ مذهبي معاملن جي وزارتن پاران وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مسجدن ۽ مدرسن جي شمولي?? سان ماڻهن کي سماجي ۽ صحت جي مسئلن ب??بت آگاهي فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ ٺوس انداز اختيار ڪيو وڃي.