راولپنڊي-24 نومبر(اي پي پي) امام ڪعبه شيخ صالح بن عبدالله بن حميد پاڪ فوج جي سربراهه ج??رل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق هيءَ ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. آرمي چيف معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته امام ڪعبه جو پاڪستان اچڻ پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان حرمين الشريفين سان بي پناهه عقيدت رکن ٿا ۽ گهرو احترام رکن ٿا. امام ڪعبه چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي، اسلام جي غلط تشريح جي ڪابه گنجائش ناهي. ٻنهي معزز شخصيتن غزه تڪرار ۾ جاري ظلم ۽ غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مسلمانن تي ??لم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئي ۽ فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مثالي، تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستانين جي دلين ۾ مملڪت سعودي عرب جي انوکي عقيدت کا?? علاوه ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ نظرياتي ??تحاد تي ٻَڌل مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن. آخر ۾ امام ڪعبه اُمت جي امن استحڪام ۽ اتحاد لاءِ دُعا ڪئي.