اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فلسطي?? جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪري پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت پاران اسرائيل پاران 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطي?? جي معصوم ما??هن تي ڪيل ظلمن تي دلي همدرديءَ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته غزه جي صورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، پوري پاڪستاني قومي اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي ڏاڍ ۽ دهشتگردي تي ڏکويل آهي. صدر اسرائيل پاران شديد بمباري ۽ اسڪولن ۽ اسپتالن کي به نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته وحشياڻي قدم?? جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن، صحت جي شعبي، صحافين ۽ گڏيل قوم?? جي امدادي ڪارڪنن سميت هزارين فلسطيني مارجي ويا. هن چيو ته غزه جي موجوده صورتحال اسرائيل جي ڏهاڪن کان نسلي فرق ۽ غيرمنصفاڻي پاليسين جو ردعمل آهي. صدر مسلمان?? جي نسل ڪشي ۽ انهن کي پنهنجي علائقن مان بيدخل ڪرڻ تي اسرائيل جي مذمت ڪئي. هن عزه جي عوام جي خلاف اسرائيل جي قاتلاڻي مهم روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران عدم ڪارروائي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي ??ي حل لاءِ فلسطين ??ي حمايت جاري رکندو. صدر چيو ته عالمي برادري فوري جنگبندي ۽ غزه تائين ??نس??ني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ فلسطيني?? جي پنهنجي وطن مان وڌيڪ بيدخلي روڪڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ ڪوششون ڪري. فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن اسرائيل کي فلسطيني سرزمين تي ويڙهه کي روڪڻ سان گڏوگڏ ??نس??ني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ غزه جي لاءِ لنگهه کولڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه جي ما??ه?? جي لاءِ خوراڪ، دوائون ۽ بجلي دستياب نه آهي. ان موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس فلسطين ??ي حمايت ۽ ??نس??ني امداد موڪلڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.