اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? نگران وزيراعظم، وزيرن، سينيٽرز ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم، چئني صوبن جي گورنرز ۽ وڏن وزيرن کي خط لکيو آهي جنهن ?? ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي لاءِ تعاون ۽ آڪٽوبر ۾ گلابي ربن پائڻ جي د??خو??ست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خط ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ توهان جو تعاون خاط??خو??هه اثر وجهي سگهي ٿو، پاڪستان ?? ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري هر سال 40 هزار فوتگيو?? ٿي?? ٿيون، پاڪستان ?? ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح سڄي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته وڌيڪ موت جي شرح جو سبب مرض جي دير سان تشخيص هجڻ آهي، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ بابت آگاهي سان ڪيتريون ئي جانيون بچائي سگهج?? ٿيون، آڪٽوبر جو مهينو هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو، هن مهيني بريسٽ ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ باخبر معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.