روالپنڊي-06 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪ فوج جي ??ربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غير قانوني سرگرمين خلاف ڪاررواي?? کي پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ انهن سرگرم??ن سبب ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصان?? کي روڪي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪراچيءَ جو دؤرو ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جي ??جلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اپيڪس ڪميٽيءَ جي ??جلاس دوران نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن، سي پي اي سي/نان سي پي اي سي/پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي ??يڪيورٽي، غير قانوني پرڏيهين جي وط?? واپسي، غير ملڪي ڪرنسيءَ کي ريگولرائز ڪرڻ جي قدمن، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي ۽ گر??ن سنڌ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف تاريخي قدمن جي فائدي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ??رورتن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي ورجايو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ??رقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ آرمي چيف جي ??مد تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس استقبال ڪيو.