ڪراچي – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و آهي ته آئين تحت ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، نگران حڪومت جي انتظامي قدمن سان ڊالر جي قيمت گهٽ ٿي آهي جنهن جو اثر پيٽروليم مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي، بجلي چوري جي خلاف قدمن سان اٽڪل 8 ارب رپين جون وصوليون ٿيون آهن، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي پڻ موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و ته ڪراچي پريس ڪلب منهنجو پراڻو گهر آهي جيڪو جمهوريت جي ارتقا ۾ هڪ اهم مورچو ره??و آهي. هن چ??و ته ڪراچي پريس ڪلب جي هڪ تاريخي حيثيت آهي، فڪر، علم ۽ دانش جي آزادي ۽ عوام جي حڪمراني جي حق ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، آمريت جي دور ۾ به ڪراچي پريس ڪلب تان جمهوريت جي لاءِ مضبوط آواز اڀريو، اڄ به پاڪستان جا پورهيت، مظلوم عوام پنهنجو ڏک درد ٻڌائڻ ڪراچي پريس ڪلب اچن ٿا. مرتضيٰ سولنگي چ??و ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيان، انهن جي نوڪرين بابت مسئلا موجود آهن. هن چ??و ته موجوده نگران حڪومت آئين جي آرٽيڪل 224 تحت هڪ آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، اسان جي دور ۾ صحافين سان ناانصافي نٿي ٿي سگهي. هن چ??و ته صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پرنسپل انفارميشن آفيسر سان گڏجي قدم کنيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چ??و ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪ??و آهي، اليڪشن ڪميشن بااختيار آئيني ادارو آهي، ان جي ذميواري آهي ته ملڪ جي اندر آزاداڻيون، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرائي. هن چ??و ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي هر طرح جي مدد ڪندي ۽ اليڪشن ڪميشن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. هن چ??و ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، 30 نومبر تائين تڪبنديون مڪمل ٿي وينديون، ان کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ به ڏني ويندي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چ??و ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ ۾ موجود قيمتن سان ٿئ?? ٿو، موجوده نگران حڪومت جي انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو اثر پيٽروليم مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چ??و ته جيڪي ميڊيا هائوسز پنهنجي ملازمن کي پگهار ادا نه ڪندا انهن کي سرڪاري اشتهار جاري نه ڪيا ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چ??و ته بجلي چوري جي مد ۾ اٽڪل 8 ارب رپين جون وصوليون ٿيون آهن، بجلي چوري جي ڪري ٻين صارفين تي بار پوي ٿو، ان نظام کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چ??و ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان خدشا آهن ته ان جي لاءِ قانون ۽ عوام جون عدالتون کليل آ??ن. ??سان جو اختيار ۽ مدو محدود آهي، اسان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين. چونڊن دوران پاڪستان جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا.