اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيا ۽ پاڪس??ان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ ا??ته??ئي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانوي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر لارڊ عامر سرفراز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقياتي منصوبابندي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم برطانيا خاص طور تي برطانوي سياسي نظام ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستا??ين جي خدمت کي ساراهيو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيا ۽ پاڪس??ان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ ا??ته??ئي اهم ڪردار اد اڪري رهيا آهن. لارڊ عامر سرفراز انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي سياسي قيادت ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستا??ين پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.