اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي ڊگهي صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمار??ن جهڙن مرضن جي ر??ڪٿام ۽ جلد تشخيص تي زور ڏيندي چيو آهي ته حياتي کسيندڙ بيمار??ن جي خلاف ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ وسيع پئماني تي آگاهي تمام ضروري آهي. سيمنز هيلٿينيئرز جي اهتمام هيٺ هڪ آگاهي پروگرام ۾ ورچوئل طور خطاب ڪندي هن پاڪستان جي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ کي عوام جي صحت ۽ تعليم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حياتي کسيندڙ بيمار??ن جي حملي جي خلاف ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ وسيع پئماني تي آگاهي تمام ضروري آهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جتي موت جي شرح وڌيڪ رهي ان جي مقابلي ۾ پاڪستان وٽ ڪوويڊ 19 کي موثر ۽ ڪاميابي سان منهن ڏيڻ جو تجربو آهي. ڪوويڊ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي اه?? ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ماڻهن حڪومت جي ماسڪ پائڻ، فاصلو رکڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي مشوري تي عمل ڪيو ۽ ملڪ کي آخرڪار ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. صدر ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي موذي بيمار??ن جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ جي لاءِ صفائي يقيني بڻائين. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته مذهبي عالم سڳورا مسجدن ۾ پنهنجي خطبن دوران حفظان صحت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر عورتن جي صحت کي بريسٽ ڪينسر سان لاحق خطرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جي دير سان تشخيص جا سبب ٻڌائيندي هن چيو ته عورتون ڪنهن به غيرمعمولي علامتن بابت معلومات شيئر ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿيون جيڪو ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اسڪريننگ ۾ دير جو سبب آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو جلد اسڪريننگ جي لاءِ وڃن ٿا انهن جي ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ جا امڪان 99 سيڪڙو آهن تنهن ڪري عورتن کي گهرجي ته اهي پنهنجي اسڪريننگ ڪرائين. هن پاڪستان ۾ برين ڊرين طرف اشارو ڪندي چيو ته اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ عورتن جو هڪ وڏو انگ يا ته گهر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏي ٿو يا ٻاهرئين ملڪ بهتر موقعا ڳولڻ ۾ نڪري وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ پيشيور ماڻهن جي دستيابي جي کوٽ آهي. صدر چيو ته تعليمي ادارا عورتن کي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراه?? ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي تعاون سان پاڪستان پوليو جو اٽڪل خاتمو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان افغانستان سرحد تي ڪجهه ڪيسز رپورٽ ٿيا. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ٻين ٽيڪنالاجي جي اوزارن ۾ تيزي سان اڳڀرائي ڪيترين ئي بيمار??ن جي جلد تشخيص کي ممڪن بڻائي ر??ي آهي. هن ذهني مرضن جي علاج جي لاءِ بهتر انفراسٽرڪچر جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ نفسياتي ماهرن جو انگ گهٽ آهي ۽ آن لائين خدمتن جي ذريعي ماڻهن کي علاج جي فراهمي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان کان اڳ بيگم ثمينه علوي صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هيلٿ پريڪٽيشنرز ۾ ايوارڊ ورهايا. ناليواري اداڪاره ناديه جميل سميت ڪينسر کان بچي ويندڙ ڪيترن ئي ماڻهن پڻ ان موذي مرض سان پنهنجي جدوجهد ۽ پنهنجي صحتيابي بابت ٻڌايو. ان موقعي تي سيمنز جي نمائندن مريضن جي لاءِ بهتر تشخيصي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن تي ر??شني وڌي.