اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته خودڪش ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوان جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آهي. هن پنه??جي بيان ۾ چيو ته چيڪ پوسٽ تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي ??لڪ جي قابل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن جا محافظ ۽ قوم جا ??ير?? آهن قوم انهن ??ير??ز کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته مون کي شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ آهي. پرڏيهي وزير خودڪش ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنه??جي ڌرتي کي ??لڪ دشمنن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان پرعزم آهيون?? دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو عبرتناڪ انجام ٿيندو.