ڪراچي – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري زوب ۾ شه??ين جي گاڏين تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ معصوم شه??ين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معصوم شه??ين کي نشانو بڻائڻ درندگي آهي، ڏ??هارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت شه??ين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کان واقف آهي ۽ انهن جي پاسداري جي لاءِ پرعزم آهي.