اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت ٿيلسيميا کان متاثر ٻا??ن جي ڀلائي جي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت انهن ٻا??ن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي ڪڏهن به رت جي کوٽ ٿيڻ نه ڏينداسين. هو پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران پارليامينٽ هائوس ۾ رت جي عطيي واري ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ نمايان ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران رت جي عطيي واري ڪئمپ اظهار ڪري ٿي ته اسان سڀ پارليامينٽرينز زمرد خان جي ان نيڪ ۽ عظيم مشن ۾ ان سان گڏ بيٺل آهيون، بنا ڪنهن شڪ جي اسان اهو ڏسون ٿا ته هر جڳهه تي سٺن ڪمن ۾ زمرد جو نالو پهرين صف تي اچي ٿو ۽ انهي لاءِ الله تعاليٰ ان جي هر ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، زمرد خان ۽ سندس پوري ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي، يقينن توهان اسان جا هيروز آهيو ۽ اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهيو. هن چيو ته ٿيلسيميا کان متاثر ٻا??ن جي لاءِ رت جو عطيو جمع ڪري مستحق مريضن تائين مفت فراهمي کي يقيني بڻائڻ يقينن هڪ عظيم ڪم آهي، پارليامينٽرينز جي وڏي انگ ۾ رت جو عطيو ڏيڻ ملڪ سان محبت جو عملي اظهار آهي ۽ ثابت ڪري ٿو ته اسان جي پارليامينٽ هر قسم جي قربانين جي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، آئون سمورن پاڪستانين ۽ عوام کي اپيل ڪنديس ته زمرد خان جي ان نيڪ مشن ۾ ان جو ساٿ ڏين. زمرد خان خطاب ڪندي چيو ته اڄ مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان جي هي مقدس پارليامينٽ ۽ هي اي??ان انسانيت جي بي لوث خدمت ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهي، آئون سمورن پارليامينٽ ميمبرن سميت اعليٰ آفيسرن ۽ خاص طور تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن اڄ منهنجي آواز تي لبيڪ چيو ۽ معصوم زندگيون بچائڻ جي لاءِ ان عظيم مشن ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، هي اي??ان ۽ ان جي ميمبرن ٻئي اسٽاف ۽ آفيسرن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پنهنجي ماڻهن جي تحفظ، حقن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ عظيم صدقه جاريه ۽ عين عبادت آهي، اسان جي هوندي ٿيلسيميا، هيموفيليا ۽ بلڊ ڪينسر جي مرض سان جنگ ??ڙه??دي معصوم ٻا?? اڪيلا نه آهن، انهن ٻا??ن جي لاءِ جيڪڏهن مون کي پوري پاڪستان ۾ به وڃڻو پيو ته شهر شهر وڃي انهن جي لاءِ رت جو عطيو جمع ڪندس، پاڪستان سوئيٽ هوم نه رڳو هزارين يتيم ٻا??ن جون زندگيون بدلائي رهيو آهي پر لکين ٿيلسيميا ۽ هيموفيليا جي مرض سان جنگ ??ڙه??دڙ ٻا??ن جي لاءِ جيئڻ جي اميد به آهي جن کي پنهنجي زندگي جيئڻ جي لاءِ مسلسل رت جي عطيي جي سخت ضرورت آهي. ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان، قانون واري مملڪتي وزير شاهد حسين، وزيراعظم جي خاص معاون امير مقام، اي?? اي?? اي ڊاڪٽر افضل خان ڍانڍلا، اي?? اي?? اي علي زاهد، اي?? اي?? اي شمس الاسلام، اي?? اي?? اي خان محمد جمالي، اي?? اي?? اي ن??يم عباس، اي?? اي?? اي آسيه عظيم، اي?? اي?? اي ڊاڪٽر شهناز، اي?? اي?? اي اسامه قادري، اي?? اي?? اي اظهر قيوم ناهرا، اي?? اي?? اي راڻا مبشر، اي?? اي?? اي احسان الله، پارلياماني سيڪريٽري رفيق احمد جمالي، اي?? اي?? اي ڊاڪٽر نثار چيما، اي?? اي?? اي طاهره اورنگزيب، اي?? اي?? اي محسن رانجها، اي?? اي?? اي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اي?? اي?? اي ن??ز بلوچ، افضل کوکر، راجا فاروق حيدر، روبينه عرفان، سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر مشاهد حسين، اي?? اي?? اي ڪشور زهره، ڊاڪٽر قادر خان مندوخيل سميت ٻين شخصيتن بلڊ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ زمرد خان جي ان قدم کي ساراهيو.