اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قي??تي جانين جي زيان تي تعزي?? ۽ ??فسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ڊاڪٽرن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس به ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، مون ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي تعزي?? ۽ ??فسوس جو اظهار ڪ??و، مون کيس چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي هر قسم جي مدد جي لاءِ گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽرن، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ مدد جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو.