جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻوڏ کان ??تاثر لکين پاڪستانين ۽ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري، دوست ملڪن، گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن کي معاونت جي ضرورت آهي، پاڪستان ??نهنجي عالمي ادائيگين ۽ ذميوارين ۾ پرعزم آهي، پاڪستان ??ختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، بدترين ٻوڏ پاڪستان جي ضرورتن کي وڌائي ??ڏي?? آهي جڏهن ته اسان ??ٽ مالي گنجائش گهٽ آهي، پاڪستان کي مختصر ۽ وچولي مدي جي لاءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي پهرين پلينري سيشن جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ??احولياتي ۽ موسمياتي اثرن، روس – يوڪرين جنگ، عالمي ٻاڙائي ۽ غربت جهڙن مسئلن کي اڳ ۾ ئي منهن ڏئي رهيو هو، انهن حالتن جي ڏس ۾ ملڪ کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، گذريل 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو گذريل چوماسي ۾ ڇهوڻ کان ??ڌيڪ برساتون ٿيون جنهن سان سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شديد تباهي ۽ نقصان ??يو، ٻوڏ سان ??جموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لک کان ??ڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، 1700 ماڻهو فوت ٿيا، 13 هزار زخمي ٿيا، 30 هزار ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، 440 پليون تباهه ٿيون، 500 ملين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، 2 ملين جي لڳ ڀڳ گهر عارضي يا جزوي طور تي متاثر ٿيا جڏهن ته 10 لک چوپايو مال مري ويو يا گم ٿي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کانپوءِ مهينن تائين پاڻي بيٺل رهيو جنهن سان ??صل وقت سر پوکجي نه سگهيا ۽ اسان جي زراعت متاثر ٿي، بيٺل پاڻي جي ڪري اسڪول ۽ اسپتال بند رهيا، مقامي طور تي به رابطو مشڪل رهيو، عارضي پناهگاهن ۾ ماڻهن کي ترسايو ويو جڏهن ته اسپتالن جو ڪم به عارضي طور تي هلائڻو پيو، ٻوڏ سان 22 هزار اسڪول بند ٿيا جنهن سان ??کين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي. اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ کان ??تاثر ماڻهن جي امداد ۽ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ اسان کي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان حڪومت متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي امداد ۽ بحالي کي اولين ترجيح ڏني، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فوري طور تي 70 ارب رپين جي هنگامي ڪيش مدد فراهم ڪئي وئي، 8.17 ملين متاثرين کي روڪ امداد ڏني وئي، 2.7 ملين خاندانن کي ڪيش ريليف ۽ ٻي ضروري امداد ڏني وئي آهي ۽ ڏني پئي وڃي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جا ٿورا مڃيندي چيو ته عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي سلسلي ۾ 1.6 ارب ڊالر جي مدد جو اعلان ڪيو جڏهن ته 500 ملين ڊالر جي مدد ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي لاءِ فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پي ڊي ايم اي عالمي ادارن جي تعاون سان جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي ان ??و??ب ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ جو نقصان ??يو آهي جڏهن ته نئين سر تعيمر ۽ بحالي جي لاءِ پاڪستان کي 16.3 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، پاڪستان ??طرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارين جي ذريعي ايندڙ ٽن سالن جي م??صو??ابندي ڪري رهيو آهي، ان ??ان اڌ وسيلا پاڪستان ??نهنجي مالياتي نظام جي ذريعي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ايندڙ ٽن سالن ۾ اسان کي 8 ارب ڊالر ساليانو جي ضرورت پوندي، دوست ملڪ گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن جي حمايت سان ??ه رڳو نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن کي فائدو ٿيندو پر پاڪستان جي لاءِ ايتري مالي گنجائش به نڪري ايندي جنهن سان ??اڪستان ??نهنجي ٻاهرئين ادائيگين ۽ ٻين عالمي ذميوارين کي بهتر طريقي سان ??ورو ڪرڻ جي قابل ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ پاڪستان تي خراب اثر پيا آهن، ماحول کي نقصان ??هچائيندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر گذريل ٻوڏ وانگر ماحولياتي تبديلين کان ??تاثر ملڪن ۾ پاڪستان سرفهرست آهي، ان صورتحال ۽ توانائي کاڌي پيتي جي شين جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي ڏس ۾ سماجي استحڪام پاڪستان جي لاءِ هڪ ڳڻتي رکندڙ آهي. ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته پاڪستان ??نهنجي عالمي ادائيگين ۽ ذميوارين ۾ پرعزم آهي، پاڪستان ??ختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ سماجي شعبي تي خرچن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته تازي بدترين ٻوڏ پاڪستان جي ضرورتن کي وڌائي ??ڏي?? آهي جڏهن ته اسان ??ٽ مالي گنجائش گهٽ آهي، ان صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان کي عالمي مدد جي ضرورت آهي، اسان کي مختصر ۽ وچولي مدي جي لاءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آهي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، دوست ملڪ ۽ ٻطرفا ۽ گهڻ رخا حصيدار ان ??شڪل مرحلي ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کان ??تاثر ماڻهن جي بحالي ۽ امداد اسان جي فوري ضرورت آهي جڏهن ته اسان کي انهن 33 ملين متاثر ماڻهن کي به نظر ۾ رکڻو آهي، ان صورتحال ۾ ڊيٽ سواپ ۽ ٻين مالياتي قدمن جي ذريعي لکين ٻوڏ متاثرين جي امداد جي نيڪ مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ??احولياتي تبديلين سان ??يندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي، اسان کي بحرانن جي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير عالمي برادري جي حمايت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ريزيليئنٽ ريڪوري اسٽريٽجڪ ۾ ٻطرفن حصيدارن، دوست ملڪن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن جي حمايت تي پڻ پاڪستان انهن سڀني جو ٿورائتو آهي. م??صو??ابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پلينري سيشن کي خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن کي تازي بدترين ٻوڏ سان ??يندڙ نقصانن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ هڪ بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان 33 ملين ماڻهن کي نقصان ??هتو. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي 20 پٺتي پيل ضلعن کي نقصان ??هتو، ان سان گڏ پنجاب، خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن کي به نقصان ??يو. هن چيو ته بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ پاڪستان حڪومت کي 16 ارب ڊالر جي هنگامي بنيادن تي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اولين ترجيح ماڻهن جي روزاني جي ضرورتن کي ٻيهر شروع ڪرڻ آهي، ٻارن ۽ عورتن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائي پئي وڃي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي ترقياتي اداري يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر ايڪم اسٽينر پنهنجي خطاب چيو ته ڪورونا کانپوءِ ٻوڏ سان ??اڪستان کي معاشي طور تي ڌچڪو لڳو جنهن سان ??کين زندگيون متاثر ٿيون. هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن کي چيو ته هو هر لحاظ کان ??اڪستان کي مدد فراهم ڪن، اسان ??ن وقت مختلف دور ۾ زندهه آهيون. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستان ??وسمياتي تبديلي جي لپيٽ ۾ ايندڙ 8 ملڪن ۾ شامل آهي.