اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان جي دوري تي ر??انو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چشمه رائٽ بينڪ ڪينال جي بها،ي چشم رائٽ بينڪ ڪينال لفٽ گهٽ گريوٽي ۽ چشما هائيڊل پاور پراجيڪٽ جي پيڙهه جو پٿ?? رکندو. وزيراعظم ٽانڪ زام ڊيم جو پڻ پيڙهه جو پٿ?? رکندو. ان کانسواءِ وزيراعظم عبدل خيل 132 ڪي وي ۽ بند ڪورائي 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشنز جو افتتاح پڻ ڪندو. وزيراعظم سي پيڪ جي اولهندي ر??ٽ / موٽروي يارڪ – سگو سيڪشن جي پيڙهه جو پٿ?? رکندو. وزيراعظم جي دوري دوران پيزو کان ٽانڪ روڊ ۽ ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس جي بحالي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيل رستن جي بحالي جي ڪم جو افتتاح پڻ ٿيندو. وزيراعظم گومل يونيورسٽي پهاڙپور ڪئمپس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رک??دو. وزيراعظم ان حوالي سان هڪ تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.