اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي تازي سربراهه اجلاس کي موسمياتي تبديلي سان ملڪ ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان??، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي صورتحال، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حڪومتي قدمن کان ??گاهه ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان ??وري پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن خاص طور تي پاڪستان ۾ ان ??ان ??يندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته سربراهه اجلاس وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير کي عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه، گڏيل ڳڻتي جي ٻطرفي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو. وزيراعظم گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ جرمن چانسلر سان پڻ ملاقاتون ڪيون جڏهن ته هن بحرين ۽ ڪويت جي ولي عهد، ايسٽونيا، تاجڪستان، عراق، گڏيل عرب امارات ۽ يورپي ڪائونسل جي ص??رن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان ??وران ??يلجيئم، هالينڊ، ناروي، اسپين، لبنان ??ي وزيراعظمن ۽ انڊونيشيا جي نائب صدر سان گڏوگڏ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير، موسمياتي تبديلي واري وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير شرڪت ڪئي.