اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي پائيدار بحالي جي لاءِ ??ڏي?? قومون (يو اين) ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جهڙن عالمي ترقياتي حصيدارن جي مدد سان تيار ڪئي وي??دڙ پوسٽ ڊيزاسٽر اينڊ اسيسمنٽ (پي ڊي ايم اي) تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ??يري رحمان، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري شرڪت ڪئي.