اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ??تا?? ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ وسيع تر عوامي اداراجاتي رابطن جي فروغ تمام اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه مصر جي سفير طارق محمد دهروج سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ??تا?? مصر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مصر ۾ ايندڙ مهيني ڪوپ – 27 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي س??ن ٽي??يف??ن تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪ??تا?? ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي مصر جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار کي س??راهيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي مصر جي حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ چ??و ته هو ماحولياتي تبديلي ۽ ڪمزور طبقن بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت سميت فعال شرڪت جو منتظر آهي. پاڪ??تا?? ڪوپ – 27 ڪانفرنس ۾ گروپ 77 ۽ چ??ن جي نمائندگي به ڪندو. وزيراعظم پاڪ??تا?? ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي قيادت، عوام سان عوام ۽ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ??تا?? ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ نقطه نظر تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي س??ن ويجهو تعاون ڪن ٿا.