اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين ج?? مدد جي لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ??ائم فضائي رابطي جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات م??ن ٽي امدادي اڏامون پاڪستان پهچ?? ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن مان هڪ اڏام جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ ٻه اڏامون نور خان ايئربيس راولپنڊي پهتيون. گڏيل عرب امارات م??ن مجموعي طور تي 29 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان هن سنگين بحران ج?? گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهي.