اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسم جي دٻاءُ جو سڌوسنئون ??تيجو آهي، اسان اميد ڪري??ن ٿا ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو دنيا آڏو ان ڳالهه کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ته آلوده گئس جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان عالمي سطح تي موسمياتي لحاظ کان 10 غيرمحفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان جي موسمياتي خطرن کي گهٽ ڪرڻ، موافقت جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۾ مدد جي لاءِ ترقياتي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پيغام کي دنيا ت??ئين پهچائڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي ساراهي??ن ٿا.