اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو جي ??در دوارتي پشيگو پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز (پيپس) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل سليم رحمان به آءِ پي يو جي ??در سان گڏ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مو??ب ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيپس محمد انور ۽ ٻين آفيسرن مهمانن کي ڀليڪار چيو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيپس آءِ پي يو جي ??در کي پيپس قائم ڪرڻ، تاريخ ۽ ڪم جي ??والي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ پي يو جي ??در پاڪستان ۾ پارلياماني نظام جي مضبوطي ۾ پيپس جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي آءِ پي يو جي ??در چيو ته پيپس جهڙا ادارا جمهوريت جي فروغ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. آءِ پي يو جي ??در پيپس لائبريري جو جائزو ورتو ۽ مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا. بعد ۾ سينيٽر سليم رحمان ۽ پيپس جي ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد انور آءِ پي يو جي ??در کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. آءِ پي يو جو صدر ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري پاڪستان سان يڪجهتي اظهار لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.