اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان جي دوري تي آيل ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو، ترڪيه جي ماحوليات، ار??نائيزيشن ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم، ترڪ ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي چيئرمين، ترڪ گهٽ لاڳت هائوسنگ ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ان سان گڏ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي صدر رجب طيب ار??وان جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه جي پاڪستان سان تعاون جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي خوش آئنده قرار ڏنو ته صدر ار??وان جي فون ڪال جي فوري پوءِ ترڪيه ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ خيما، کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ هنگامي امدادي سامان جي صورت ۾ پاڪستان کي امداد موڪلي. هيستائين 11 ترڪ ??وجي جهاز ۽ 2 سامان سان ڀريل ٽرينون پاڪستان روانو ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران ترڪيه پاران پاڪستان جي لاءِ مدد جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترڪيه ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ دل آهن ۽ انهن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. وفد کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ملڪ ۾ غذائ?? عدم تحفظ جو خطرو آهي ڇو ته ٻوڏ سبب لکين ايڪڙ تي فصل تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي مرحلي، ماڻهن جي روزگار جي نقصان، خوراڪ جي کوٽ ۽ سماجي ۽ اقتصاد?? عدم تحفظ جي ڪري پيدا ٿيندڙ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ترڪيه جي ڀرپور تعاون جي اميد جو اظهار ڪيو. ترڪ گهرو وزير سليمان سوئيلو پاڪستان ۾ تازي چوماسي ۽ ٻوڏ دوران قيمتي جاني جي زيان ۽ قيمتي ملڪيتن جي تباهي تي صدر ار??وان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترڪيه ٻوڏ متاثرين کي زميني ۽ فضائي رستن سان امداد فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جمعي جي نماز دوران ترڪيه ۾ ماڻهو پنهنجي پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ دعا ڪندا ۽ وڌيڪ تعاون پڻ فراهم ڪندا. ترڪ ??زير چيو ته صدر ار??وان جي هدايتن موجب ترڪيه جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ لاڳاپيل ادارا پاڪستان جي ضرورتن موجب وڌيڪ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. گهرو وزير سوئيلو جي قيادت ۾ ترڪيه جو وفد ملڪ ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وفد ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي پڻ دورو ڪندو.