اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري جي مسلسل، پائيدار ۽ خاطرخواهه مدد جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان 350 کان ??ڌيڪ ٻارن سميت 1100 کان ??ڌيڪ ماڻهو فوت، 10 لک کان ??ڌيڪ گهر جزوي يا مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن، 735000 کان ??ڌيڪ چومايو مال مري ويو ۽ 20 لک ايڪڙ زمين متاثر ٿي آهي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد پريس بريفنگ ۾ چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ غيرمعمولي موسمياتي صورتحال ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 33 ملين کان ??ڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ??وڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان سان گڏوگڏ ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي وڏي پئماني تي نقصان ??هتو آهي. ترجمان چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ تازن ڏينهن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان سخت تباهي ٿي آهي. ترجمان چيو ته 350 کان ??ڌيڪ ٻارن سميت 1100 کان ??ڌيڪ ماڻهو فوت جڏهن ته 1600 کان ??ڌيڪ زخمي ٿيا آهن، 10 لک کان ??ڌيڪ گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن، 735000 کان ??ڌيڪ چوپايو مال مارجي ويو ۽ 20 لک ايڪڙ زمين متاثر ٿيڻ کانسواءِ فصلن جو نقصان ??يو آهي جڏهن ته مواصلاتي ڍانچي کي پڻ سخت نقصان ??هتو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت سمورن ممڪن وسيلن ۽ صلاحيتن کي متحرڪ ڪندي ٺوس ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن شروع ڪيو آهي، هي هڪ قومي ڪوشش آهي جنهن ۾ سول ۽ فوج کانسواءِ زندگي جي سمورن شعبن، ڪاروباري ادارن، سول سوسائٽي ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم امدادي سرگرمين جي نگراني ڪندي متاثر علائقن جو ذڪر دورو به ڪري رهيو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، گذريل ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن سان گڏ ٻوڏ متاثر ڪيترن ئي علائقن جو دورو ڪيو جڏهن ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني به متاثرين جي مدد ڪرڻ جيڪ وششن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو اهو دورو اهم آهي، هو هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي لاءِ يڪجهتي ۽ عالمي برادري جي حمايت جي اظهار لاءِ هتي موجود هوندو. ترجمان چيو ته گذريل رات تائين پاڪستان کي 31 اڏامن جي ذريعي ترڪيءَ، گڏيل عرب امارات ۽ چين سميت مختلف ملڪن مان ??وڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان ??هتو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۽ هفتن ۾ هوائي جهازن جي ذريعي امدادي سامان جو سلسلو جاري رهندو. ترجمان چيو ته ترڪيءَ مان امدادي سامان کڻي ٽرينون به اچي رهيون آهن. هن چيو ته وڏي انگ ۾ ملڪن ۽ عالمي تنظيمن ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ پاڪستان سان تعاون جو واعدو ڪيو آهي جنهن ۾ روڪ امداد ۽ امدادي سامان شامل آهي. هن چيو ته انهن ۾ آسٽريليا، آذربائيجان، ڪئناڊا، چين، ??ورپي يونين، ??رانس، ايران، جاپان، ??زاخستان، ڪويت، نيوزيلينڊ، ناروي، فلسطين، ??طر، جمهوريه ڪوريا، سعودي عرب، سنگاپور، ترڪيءَ، گڏيل عرب امارات، برطانيا، آمريڪا، ازبڪستان، عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ گڏيل قومن جي ٻين ايجنسين سميت مختلف عالمي ادارا پڻ شامل آهن. ترجمان چيو ته اسان ان ??قت سر ۽ انتهائي ضروري تعاون جي لاءِ ٿورائتا آهيون.