اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ انساني امداد جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارا?? کان هڪ ٻيو جهاز امدادي سامان کڻي ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان پهچي وي??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي سامان کڻي ايندڙ جهاز جو ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي محنت واري صوبائي وز??ر سعيد غني استقبال ڪيو. اها متحده عرب امارا?? کان ايندڙ اٺين اڏام آهي، جيڪا تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستاني عوام جي لاءِ امدادي سامان کڻي آئي آهي. ترجمان پنهن??ي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي پاڪستان متحده عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان.