اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ش??م ۾ فلائيٽ آپريشن جي معطلي جي ڪري ڦاٿل پاڪستانين جي فو??ي وطن واپسي جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب اسرائيلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ دمشق ايئرپورٽ کي شديد نقصان جي ڪري فلائيٽ آپريشن معطل ٿي وئي، فلائيٽ آپريشن جي ڪري زيارتن تي ويل 160 پاڪستاني شام ۾ ڦ??سجي ويا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ش??م ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني کي پاڪستانين جي فو??ي وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستاني سفارتخاني چيو ته شام ۾ ڦ??ٿل سمورن پاڪستانين سان سفارتخاني جو رابطو قائم آهي، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جا جلد انتظام مڪمل ڪيا ويندا.