اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني حد بندي جي تازي قدمن طرف ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ خط لکيو آ??ي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي تناظر ۾ ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آ??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي هڪ جامع خط لکيو آ??ي. خط ۾ کين خاص طور تي ڀارت جي ناپاڪ چال کان آگاهه ڪيو آ??ي. ان قدمن جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني ”حد بندي“ جي قدمن ذريعي مسلمانن جي نمائندگي کي گهٽ ??رڻ آهي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي غير قانوني قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن سميت عالمي قانونن جي سراسري خلاف ورزي ۽ غير قانوني آهن. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي سنگين، منظم ۽ وسيع پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين کي به اجاگر ڪيو. هن ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي کي وڌيڪ ورهائڻ جي جاري ڀارتي ڪوششن تي خصوصي ڌيان ڇڪرايو. هن چيو ته اهي قدم والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن جي شنا??ت، بنيادي حقن ۽ ثقافت تي هڪ سنگين حملو آ??ي، ۽ اهو والاريل علائقي ۾ هڪ ٻي ڪٺ پتلي حڪومت جي قيام جي راهه هموار ??رڻ لاءِ ڪيو ويو آ??ي جيڪو بي جي پي – آر ايس ايس جي اتحاد جو ”هندو توا“ نظريو آ??ي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ان موروثي بدنيتي جي عمل جي آڙ ۾ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي انجنيئرنگ ??رڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن مسلم اڪثريت حلقن کي هندو اڪثريتي حلقن ۾ تبديل ڪري سگهجي، شرمناڪ حد بندي جي مشق مان اهو واضح آهي ته ڀارت آبادياتي تبديلين جي عمل کي تيز ??رڻ چاهي ٿو جيئن هن لکين ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ، ملازمتن جي آڇ ۽ اهڙي طرح جي قدمن جي ذريعي پهرين ئي حرڪت ۾ آندو آ??ي. ڀارت عالمي قانون ۽ لاڳاپيل جن??وا ڪنوينشنز جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي والاريل ڪشمير ۾ زمين غير ڪشميرين کي وڪرو ??رڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آ??ي، پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته هو ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني حد بندي جي سنگين اثرن جو فوري طور تي نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ياد ڏياري ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي جن??ن جو حل ٿيڻ باقي آهي، ۽ اهو ته ڀارت کي عالمي قانون، جن??وا ڪنوينشنز، گڏيل قومن جي سلامتي قراردادن تحت والاريل علائقي ۾ ڪنهن به غير قانوني آبادياتي تبديلين کي آڻڻ کان پاسو ??رڻ گهرجي. عالمي برادري ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي راءِ شماري جي ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ??رڻ ڏي جن??ن جو حق کين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڏنو ويو آ??ي.