اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چ??نسلر کي هدايت ڪئي آه?? ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي واقعن کان بچڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اهڙيُون هدايتُون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 اپريل 2022ع جي حڪم نامي جي ت??ميل ۾ بلوچ شاگردن جون شڪايتون ٻڌڻ کانپوءِ جاري ڪيون آهن جنهن ۾ صدر جيڪو قائداعظم يونيورسٽي جو چانسلر به آهي، کي چيو ويو هو ته هو بلوچ شاگردن جي مسئلن کي فوري حل ڪري، عدالت بلوچ شاگردن جا مسئلا ٻڌا، نسلي پروفائلنگ جي جاچ ڪرڻ ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو هو، صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي کانپوءِ ڪئي جنهن ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چ??نسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب چوڌري ۽ ايڊووڪيٽ ايمان زينب حاضر شرڪت ڪئي، صدر ايڇ اي اي کي سمورين وفاقي يونيورسٽين کي پنهنجي ڪميپسز ۾ هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي ڪنهن به واقعي کان بچڻ لاءِ اڻٽر قدم کڻڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ کي هڪ انوکي صورتحال درپيش آهي ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جو ٻيهر سر کڻڻ ڳڻتي جوڳو آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي ت??ارڪ لاءِ ڪوششون اسان جي امن ۽ وجود لاءِ ضروري آهن پر کين انتهائي احتياط ۽ توازن سان انجام ڏيڻ گهرج?? ته جيئن آبادي جي ڪنهن به طبقي خاص طور تي بلوچستان جي شاگردن کي ڌار يا پروفائل نه بڻائي سگهجي، صدر قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چ??نسلر کي به هدايت ڪئ?? ته بلوچستان جي شاگردن جي معاملي ۾ عمومي طور تي احساس محرومي يا تنهائي ??ٺي ويندي آهي، تنهن ڪري سمورن تعليمي ادارن تي فرض آه?? ته هو اهڙن جذبن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ احتياط ڪن. هن چيو ته بلوچ شاگردن ۾ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ شاگرد برادري جي اندر سرگرمين ۽ مباحثن جو هڪ فعال پروگرام تيار ڪرڻ گهرجي، هن وائيس چ??نسلر کي چيو ته هو اهڙي ڪنهن به سرگرمي جي سرگرمي سان نگراني ڪري جيڪا قائداعظم يونيورسٽي ۾ بلوچ شاگردن جي لاءِ ڳڻتي جو سبب هجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بدنامي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ يونيورسٽي ايندڙن جي ت??ديق ڪئي وڃي، ان کان اڳ صدر 20 ۽ 21 اپريل 2022ع تي بلوچ شاگردن جا مسئلا ٻڌا هئا، صدر کي آگاهه ڪيو ويو هو ته هڪ بلوچ شاگرد بلوچستان ۾ پنهنجي اباڻي شهر کان گم ٿي ويو آهي جنهن کي هڪ نامعلوم شخص جو فون آيو جنهن ان کي ٻي نامعلوم شخص کان قائداعظم يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ ملڻ جو چيو، ان کانپوءِ معلوم ٿيو ته حفيظ بلوچ نالي شاگرد بازياب ٿي چڪو آهي ۽ اهو پوليس جي حراست ۾ آهي. شاگردن صدر/ قائداعظم يونيورسٽي جي چانسلر کان حفيظ بلوچ جي سيمسٽر کي منجمند ڪرڻ جي درخواست ڪئ?? ته جئين هو الزام مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي ت??ليم جاري رکي سگهي، قائداعظم يونيورسٽي جي وائس چ??نسلر بلوچ شاگردن جي درخواست سان اتفاق ڪيو ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته حفيظ بلوچ جو سيمسٽر منجمند ڪيو ويندو ته جئين هو الزامن مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي ت??ليم جاري رکي سگهي، صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ نامعلوم ماڻهن پاران ڪجهه بلوچ شاگردن کان تحقيق جي آڙ ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ مختلف تنظيمن ۾ شموليت جي انهن جي ارادن جي باري ۾ سوال ڪيا پيا وڃن، صدر شاگردن جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ ايڇ اي سي ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چ??نسلر کي بلوچ شاگردن جي شڪايتن جي جلد کان جلد حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري حڪم جاري ڪيا، شاگردن صدر جو بلوچ شاگردن کي ڪافي وقت ڏيڻ ۽ تحمل سان انهن جا خدشا ٻڌڻ تي ٿورو ادا ڪيو