اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ??نهي ملڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ا??ان ڪويت ??ان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم ??هي??ن.