اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب چيو آهي ته عدالتي حڪمن جون ڌڄيون اڏائيندڙ چون ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون؟ جڏهن آئين شڪني ٿيندي ته عدالتون ته کلنديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان فسطائيت ۽ آئين شڪني ڇڏي، پارليامي??ٽ کي اغوا ڪندڙ نه بڻجي، اڳ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارليامي??ٽ کي يرغمال بڻائي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته عدالتون ڇو ٿيون کلن؟ هن چيو ته آئين شڪني تي عدالتون کلن ته عمران صاحب سازش جا ڪوڙ ڳالهائڻ لڳي ٿو، آئين ش??ن ٽولي کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڀلي پوري پي ٽي آءِ بيمار پئجي وڃي حمزه ش??باز حلف ضرور کڻندو.