راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سا?? جاپان جي سفير وادا مٽسو هيرو جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي، افغانستان جي موجوده صورتحال خاص طور تي انساني امداد ۾ سهڪار/شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرم?? چيف چيو ته پاڪستان جي عا??مي ۽ علائقائي معاملن تي جاپان جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آرم?? چيف انساني بحران کي روڪڻ لاءِ افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ فوري طور تي هڪ اداره جاتي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آرم?? چيف افغانستان ۾ امن ۽ م??اهمت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آرم?? چيف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ سمورن پاڙيسرين سا?? گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. جاپاني سفير افغان صورتحال تي پاڪستان جي ڪردار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خاص ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سا?? ه?? سطح تي سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.