اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ??رقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ حڪومت پاران ان جي سهولت ۽ مدد ل??ءِ سنجيده ڪوششون ڪيون پيون وڃن، نون ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) ۾ مختلف شعبن ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيو ويا آهن ۽ انهن منصوبن سان علائقي جي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪي سي سي آءِ جو صدر سيد حسن علي شاهه ڪري رهيو هو، وفد سان ڳالهائيندي ??در چيو ته پرامن افغانستان نه رڳو افغانستان پر ان جي پاڙيسري ملڪن لاءِ به معاشي خوشحالي آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي سرحدي ??لعن خاص طور تي خيبر افغانستان سان واپار ۽ واپاري موقعن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهون ٿا. هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي انعقاد ل??ءِ حڪومت جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سان افغانستان ۾ انساني امداد ل??ءِ عالمي حمايت ??اص?? ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وفد صدر کي افغانستان سان واپار جي حوالي سان پنهنج?? م??ئلن کان آگاهه ڪيو. وفد وبائي مرض جي دوران واپاري برادري کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کي به ساراهيو.