اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فيزيشنز و سرجنز (APPS) برطانيه جي چيئرمين ڊاڪٽر عثمان خان ملاقات ڪئي. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان به موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ صحت جي سهولتن جي بهتري، نرسنگ ۽ سمنڊ پار پاڪستاني ڊاڪٽرز کي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ترغيب جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڊاڪٽر عثمان وز??راعظم کي سمنڊ پار پاڪستانين ??ي ل??ءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.