اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم ع??را?? خان پاڪستاني معيشت کي مستحڪم گروٿ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو، زرعي پيداوار ۾ اضافو، ٽيڪس وصولي ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ م??اس??ا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته رڪارڊ اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس، 2021ع جول??ءِ کان سيپٽمبر ڪمپنين جو منافعو 2020ع جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو، 2019ع جي ڀيٽ ۾ 66 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مملڪتي وزير چيو ته انجنيئرنگ سيڪٽر ۾ 351 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل 163 سيڪڙ??، آٽو موبائيل 131 سيڪڙو، سيمنٽ 113 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. هن چيو ته پيپر اينڊ بورڊ 87 سيڪڙ??، آئل اينڊ گئس 74 سيڪڙو، انرجي اينڊ پيٽروليم جي منافعي ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.