اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڪوويڊ 19 جي ويڪسين جي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ سهولت جي قدمن جي ضرورت آهي، غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي کي روڪڻو پوندو، م??ي لانڊرنگ جي نتيجي ۾ غريب ملڪن ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ جا هدف حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، ان حوالي ??ان آگھاهي پيدا ڪر?? اسرندڙ ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار 15 هين يونائيٽيڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ (يو اين سي ٽي اي ڊي) جي ورلڊ ليڊرز جي ٽئين مذاڪري کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ جي مذاڪري ۾ چئن اهم مسئلن تي ڳالهه ڪندس جن مان سڀ کان بنيادي ۽ اهم مسئلو ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ۽ امير ملڪن ۾ ويڪسين لڳائڻ جي شرح ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ان لاءِ عالمي برادري کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ڪر?? لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اسرندڙ ۽ غريب قومن جي معاشي ترقي بري طرح متاثر ٿي ان لاءِ ڪوويڊ 19 جي مسئلن جي مڪمل خاتمي تائين قرضن جي ادائيگي ۾ سهولت ڏني وڃي. هن چيو ته مون ان حوالي ??ان عالمي سطح تي هڪ مهم به هلائي ته جيئن امير ملڪ اسرندڙ ملڪن جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي انهن کي قرضن ۾ سهولت فراهم ڪن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽيون اهم مسئلو موسمياتي تبديليون آهي جنهن جي ڪر?? پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ بري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. موسمياتي تبديلين جي ڪر?? گليشيئرز جي پگهڙڻ جي شرح ۾ خوفناڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻي جي لاءِ گليشيئرز تي ئي دارومدار ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي پگهڙڻ جي شرح ۾ اضافي سان پاڻي وسيلن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته امير ملڪ ڪلائميٽ فنانس جي شرح اضافو ڪن ته جيئن موسمياتي تبديلين جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته انهن ملڪن جي خصوصي مدد ڪر?? جتي ڪاربن جو خارج گهٽ هجي. وزيراعظم عمران خ??ن يو اين سي ٽي اي ڊي جي مذاڪري ۾ شامل عالمي اڳواڻن کي چيو ته منهنجي موجب چوٿون اهم مسئلو غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي ??هي جنهن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته اسرندڙ ۽ غريب ملڪن مان حڪمران اشرافيه اٽڪل 7 کرب ڊالر ڦري امير ملڪن ۾ منتقل ڪيا آهن ۽ هر سال اٽڪل هڪ کرب ڊالر منتقل ڪيا پيا وڃن جيڪي اسرندڙ ملڪن جي بدعنوان اشرافيه ڪر?? ٿي. هن چيو ته ان سان هڪ تباهي آڻيندڙ صورتحال جنم وٺي رهي آهي ۽ غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي ??و بحران سخت ٿيندو پيو وڃي جيڪو ايندڙ سالن د??ران وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته اسان کي م??ي لانڊرنگ کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي ??ان امير ملڪن کي جيڪي قدم کڻڻ گهرجن ها بدقسمتي سان نه پيا کنيا وڃن جنهن جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن جي غريب عوام پيڙهجي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن ملڪ مان پئسو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪيو وڃي ٿو ته ان سان مقامي ڪر??سي جو قدر گهٽ ٿئي ٿو ۽ ناڻي واڌ جي ڪر?? غربت جي شرح وڌڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو بک سان مري وڃن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن م??ي لانڊرنگ جو تسلسل جاري رهيو ته دنيا جا ڪجهه امير ملڪ پوري دنيا جي دولت پاڻ وٽ گڏ ڪر?? وٺندا. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان ناانصافي کي روڪيو وڃي ڇو ته ان سان امير ۽ غريب ملڪن ۾ خال وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته م??ي لانڊرنگ جي تدارڪ جي حوالي ??ان آگاهي پيدا ڪر?? اسرندڙ ۽ غريب ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي.