اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ??وام شريف فيملي کان ڦريل دولت جي وصولي چاهي ٿي، شهباز شريف جو ڪيس روزاني جي ??نياد تي هلي ته هو ايندڙ 6 مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 سالن جي لاءِ جيل وڃي سگهي ٿو، پارليامينٽ جي ??ندر حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ٻولهه جي ??جيان ڪريون ٿا، اها ڳالهه ٻولهه وقت ضايع ڪرڻ جي لاءِ نه پر معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ٿيڻ گهرجي، اسان اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اڄ پاڪستان جي معيشت ۾ اهم حصو اوورسيز پاڪستانين جو مٽاسٽا جو ناڻو آهي، جيڪڏهن اسان انهن کي ووٽ جو حق نه ڏنو ته انهن سان وڏي زيادتي ٿيندي، ڪابينا چنڊ ڏسڻ بابت نجي ??علانن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، 2013ع ۾ رستن جا ٺيڪا 2021ع جي ٺيڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگا هئا، اين ايڇ اي هاڻي جيڪي رستا ٺاهي رهي آهي اهي 2013ع جي ڀيٽ ۾ في ڪلوميٽر اٽڪل 10 ڪروڙ رپيا سستا تعمير ٿي رهيا آهن، ڪابينا ٽيليفون انڊسٽريز آف پاڪستان (ٽي آئي پي) جي نيشنل ريڊيو ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن (اين آر ٽي سي) کي منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اين آر ٽي سي هريپور ويجهو فيوچر ٽيڪنالاجيز جو يونٽ بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حسب معمول وفاقي ڪابينا جي ??جلاس جي ??ڊروع ۾ انٽرنيٽ ووٽنگ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي موجوده صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته ڪڏهن به ڪنهن حڪومت اقتدار ۾ رهندي چونڊ سڌارن تي زور نه ڏنو، اها پاڪستان تحريڪ انصاف ج?? حڪومت آهي جيڪا اقتدار ۾ رهندي چونڊ سڌارن تي اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، اسان چونڊ سڌارن جي لاءِ باقاعده مهم شروع ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ جي ??ندر حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ٻولهه جي ??جيان ڪريون ٿا، اها ڳالهه ٻولهه وقت ضايع ڪرڻ جي لاءِ نه پر معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ٿيڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ علي محمد خان کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ ۽ اي وي ايم جا ٻه معاملا مخالف ڌر سان بحث هيٺ آڻين. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو هق ڏيڻ ۽ اي وي ايم چونڊ سڌارن جو لازمي حصو هوندا. چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن سان لاڳاپيل 70 سيڪڙو تڪرار نتيجن ۾ دير جي ڪري پيدا ٿئي ٿو، فلپائن ۾ 2007ع ۾ جڏهن اي وي ايم استعمال نه ٿي رهي هئي ته چونڊن ۾ 300 رٽرننگ آفيسر تڪرار جي ڪري ماريا ويا. هن چيو ته اي وي ايم اهڙن تڪرارن جو اعتماد جوڳو حل فراهم ڪري ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته پرائيويٽ ڪمپني پاران 20 مشينون گهرايون ويون آهن، انهن مشينن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو مڪينزم ڏسي سگهجي ٿو. هن چيو تهاسان گڏيل اجلاس طلب ڪنداسين، اسان پنهنجي ??يجنڊا گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ ۽ مخالف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ۾ ڊگهين عمارتن جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو، مختلف شهرن ۾ هوائي اڏن جي ويجهو ڊگهين عمارتن جي لاءِ اين او سي جي ??رط ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ طرف راغب ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊگهين عمارتن جي ??عمير سان شهرن جي ??جائي پکيڙ روڪڻ ۾ مدد ملندي، اسان هائي رائيز ليڊنگ جي ??وصلا افزائي ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته ان معاملي تي چار رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا عالمي معيارن جو جائزو وٺندي. ڪميٽي هڪ هفتي جي ??ندر پنهنجي ??پورٽ پيش ڪندي. اسد عمر ۽ فيصل سلطان کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا کي 2013ع ۾ تعمير ڪئي ويندڙ رستن جي في ڪلوميٽر لاڳت کان به آگھاهه ڪيو ويو جيڪا موجوده لاڳت کان ڪيترائي ڀيرا مهانگي هئي. هن چيو ته اين ايڇ اي هاني جيڪي رستا ٺاهي رهي آهي اهي 2013ع جي ڀيٽ ۾ في ڪلوميٽر اٽڪل 10 ڪروڙ رپيا سستا تعمير ٿي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ٽيليفون انڊسٽريز آف پاڪستان (ٽي آئي پي) جي نيشنل ريڊيو ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريسن (اين آر ٽي سي) کي منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اين آر ٽي سي هريپور ويجهو فيوچر ٽيڪنالاجيز جو يونٽ بڻجندو، ڊفينس پروڊڪشن ۾ جهڙي طريقي سان اسان صلاحيت حاصل ڪئي، اهڙي طرح ان جڳهه کي به استعمال ڪري وڌيڪ بهتري آندي ويندي. هن ٻڌايو ته ٽيليفون انڊسٽريز آف پاڪستان جي ملازمن جي نوڪرين کي پڻ تحفظ ڏنو ويو آهي، اين آر ٽي سي، ٽي آئي پي جي 158 ملازمن کي نوڪريون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا بزنس اينڊ هيومن رائٽس بابت نيشنل ايڪشن پلان جي منظوري ڏني آهي، پاڪستان ايشيا ۾ پهريون ملڪ آهي جنهن بزنس اينڊ هيومن رائيٽس بابت نيشنل ايڪشن پلان منظور ڪيو آهي. هن چيو ته انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري اهو پلان پيش ڪيو جيڪو سمورن ڪاروبارن تي لاڳو هوندو. هن چيو ته ڪابينا پاڪستان آن لائن ويزا سسٽم (پي او وي ايس) جي ??ريعي اي ويزا جي ??يپلي ڪيشن جي پڻ منظوري ڏني، اها سهولت 191 ملڪن ملڪن کي دستياب هوندي، اڳ ۾ اها ويزا سهولت رڳو 50 ملڪن کي دستياب هئي. هن چيو ته بزنس ويزا ۽ سياحتي ويزا جي ??هولت دنيا جي 191 ملڪن جا شهري گهر ويٺي حاصل ڪري سگهن ٿا. اميد آهي ته ان سهولت سان ڪاروبار ۽ سياحت جي ??عبن کي فائدو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا محمود باقي مولوي جي ??ورڊ آف ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ميمبر جي ??يثيت استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي، سندس جڳهه تي باقي مدي جي لاءِ سعود اعظم هاشمي کي بورڊ ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ ج?? حڪم تي ڊرگ پرائسنگ ڪميٽي جي ??فارشن تي 34 دوائن جي ??رانڊز جون نيون قيمتون مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته انڊونيشيا کي ڪوويڊ 19 وبا سان مقابلي جي لاءِ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي پاڪستان جي ??وام پاران محبت جو اظهار آهي، انڊونيشيا اسان جو ويجهو دوست ملڪ آهي، هن هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پاور انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (پي آئي ٽي سي) جي ??ورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر جوڙجڪ جي منظوري ڏني آهي. ان کانسواءِ ڪابينا مذهبي معاملن واري وزارت پاران رويت هلال جي معاملي تي تجويز جي منظوري ڏني آهي. ان تجويز موجب وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي ڪميٽيون جوڙيون وينديون، موسمياتي کاتي، اسپارڪو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جا نمائندا ڪميٽي جو حصو هوندا. چنڊ جي ??وايت جو اعلان ڪرڻ جو اختيار رڳو مرڪزي رويت هلال ڪميٽي کي هوندو. فيڊرل رويت هلال ڪميٽي ۾ هر صوبي مان ٻه ميمبر مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته نجي ڪميٽين پاران چنڊ جي ??ويت جي ??ڳواٽ اعلان تي ڏنڊ هنيو ويندو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 23 سيپٽمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس، اداراجاتي سڌارن باتب ڪابينا ڪميٽي جي 9 سيپٽمبر 2021ع جي ??جلاس، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او اي) جي 13 سيپٽمبر 2021ع ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي ??جلاسن ۽ ڊسپوزل آف ليجيسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 23 سيپٽمبر 2021ع جي ??جلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا ۾ اقتصادي انگ اکر پڻ پيش ڪيا ويا، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 5.4 بلين تائين جو اضافو ڏٺو ويو، اهڙي طرح اوڳاڙين ۾ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران 858 ارب رپين جو اضافو ٿيو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 42.3 سيڪڙو اضافو آهي. هن ٻڌايو ته زرعي، مينوفيڪچرنگ ۽ سروسز سيڪٽرز ۾ پڻ بهتري آئي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 27.2 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن جن ۾ 36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، روانگي واپار ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن ٻڌايو ته عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون هڪ ڀيرو ٻيه?? وڌي ويون آهن، درآمدي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر ٻئي طرف عوام جي ??مدني ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، زرعي شعبي ۾ ڪپهه ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي، شهرن ۾ درآمدي شين جو استعمال وڌيڪ ٿيندو آهي ان لاءِ اتي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته شهباز شريف جو ڪيس ميرٽ تي روزاني جي ??نياد تي هلي ته شهباز شريف کي ايندڙ 6 مهينن دوران گهٽ ۾ گهٽ 25 سال جي ??يل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته سندس ڪيس روزاني جي ??نياد تي هلندو ته جيئن ڪڏهن هڪ خبر لڳائي خوشي جا شادمانا وڄائڻ ڪڏهن ٻي خبر لڳائي مٺائي ورهائڻ جو سلسلو ختم ٿئي. هن چيو ته پاڪستان جي ??وام شريف فيملي کان ڦريل دولت برآمد ڪري ملڪ ۾ واپس آڻڻ چاهي ٿي. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته منهنجي ??جويز آهي ته ڪوويڊ وبا دوران پارليامينٽ ۾ ڪورم جي قانون کي معطل ڪري ڇڏڻ گهرجي، برطانيا جي پارليامينٽ ۾ ڪجهه ماڻهو ويٺل هوندا آهن، هتي به پارليامينٽ جي ??جلاس جي ڪارروائي ٽي وي تي ڏسي سگهجي ٿي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته سروسز هوٽل جو معاملو نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو، سينيٽ جي ڪميٽي اعتراض ڪيو هو ته ان جي قيمت وڌيڪ هجڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته رويت هلال ڪميٽي جي ??والي سان قانونسازي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين ادارن کي حصو بڻايو ويو آهي، مذهبي معاملن واري وزارت 5 سال قيد جي ??زا تجويز ڪئي هئي، ڪابينا ان تي اتفاق ناهي ڪيو، ان تي رڳو ڏنڊ هجڻ گهرجي، جيڪڏهن رياست ج?? حڪم جي ??لاف ورزي ٿئي ٿي ته ان تي ڏنڊ هنيو ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته ملڪ ۾ پگهاردار طبقي ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ مهانگائي ٿي آهي پر ٻين شعبن ۾ ماڻهن جي ??مدني ۾ اضافو ٿيو آهي، ڳوٺن ۾ 1100 ارب رپيا اضافي ويا، اتي مهانگائي سان ماڻهو ان لاءِ متاثر نه ٿيا جو ڳوٺن ۾ ماڻهن جي ??مدني ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران اسان ميڊيا جي ??دارن کي 75 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ڪيون پر ميڊيا جا دارا پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪري رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته کنڊ، ڪڻڪ، داليون، گيهه ٻاهرئين ملڪن مان درآمد ڪيا وڃن ٿا، ان لاءِ انهن جي قيمت ۾ اضافو عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري ٿئي ٿو. هن چيو ته 2018ع ۾ عالمي منڊي ۾ پام آئل جي قيمت 515 ڊالر في ٽن هئي جيڪا هن وقت 1200 ڊالر تي هلي وئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته زرعي زمينن جو تعلق صوبن سان آهي، زرعي زمينن کي هائوسنگ سوسائٽين ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ فوري طور تي پاسو ڪرڻ گهرجي، صوبن کي ان معاملي تي غور ڪرڻ گهرجي.