اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گومل زام ڊيم منصوبي سان صوبي جي 160،000 ايڪ?? زمين پوکي جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪينال منصوبي جي ذريعي 300،000 ايڪ?? زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته ا??هن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا ج??هن سان 66 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.