اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) آبادگار برداري و??ير??عظم عمران خان جي موثر قدمن کي ساراهيو آهي جنهن جي ن??يجي ۾ پنجاب اسيمبلي مان شوگر فيڪٽريز ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2021ع منظور ٿيو ۽ صوبي ۾ ڪمند جي آبادگارن کي 80 ک??ن 90 ارب روپين جو سڌو سنئون فائدو ٿيو آهي، آبادگارن جي نمائندن و??ير??عظم هائوس ۾ و??ير??عظم سان ملاقات ڪئي ۽ و??ير??عظم جي قيادت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيندي چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت يا اڳواڻ آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪڏهن ايترو اونو نه ڪيو. 73 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير سيد فخر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار مسرت اقبال چيمه ۽ و??ير??عظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا. آبادگارن جي نمائندن سان ڳالهائيندي و??ير??عظم اقتصادي واڌ ۾ زرعي شعبي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته زرعي شعبو ملڪي ترقي لاءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن آبادگارن جي نمائندن کي خاطري ڪرائي ته آبادگارن جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، منافع ۽ منافع خوري ۾ فرق هوندو آهي، حڪومت انهن کي ڳٺ جوڙ ۽ ماف??ا جي استحصال کان تحفظ فراهم ڪندي و??ير??عظم چيو ته ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، زراعت ۽ صنعتي شعبن جي وسيع تر ترقي سان جڙيل آهي، تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي قانون موجب جيڪا قوم قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي پيروي ن??هي ڪندي اها اڳتي نٿي وڌي سگهي. و??ير??عظم ان ڏس ۾ حضرت علي جي قول جو حوالو ڏنو ته ڪفر جي حڪومت قائم رهي سگهي ٿي ن??انصافي جو نظام نٿو هلي سگهي. و??ير??عظم، چيو ته هو ڪنهن لابي جو حصو نه آهي ۽ نه ئي ان جا پاڪستان ۾ڪي ڪاروباري مفاد آهن، الله تعاليٰ پاڪستان کي هر قسم جي ن??متن سان نوايو آهي، بدقسمتي سان ملڪ ناانصافي جي ڪري ترقي کان هٽي تنزلي جو طرف ويو آهي